لاهور (م ڊ) آف شور ڪمپنين جي ڊيٽا بيس ۾ وڌيڪ ٻن ڪمپنين جا نالا سامهون آيا آهن. وزيراعظم جي لاهور واري گھر جي ايڊريس تي ٻه آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن. خانگي ٽي وي چينل موجب لاهور جي علائقي 2 زمان پارڪ واري گھر جي ايڊريس عمران خان جي نالي جي آهي جڏهن ته ٻيو گجهر فريد الدين جي نالي سان آهي، ان ايڊيس جي نالي تي هاڪ فيلڊ لميٽيڊ ۽ لاگ گيٽ انويسٽ نالي ٻه آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ٿيو آهي. لاهور ۾ ان ايڊريس جا ٻه گهر آهن، جن مان هڪ وزيراعظم جو آهي. لاگ گيٽ انويسٽ نالي ڪمپني فريد الدين جي نالي تي آهي، هاڪ فيلڊ لميٽيڊ فريد الدين جي دوست جي نالي تي آهي. انويسٽ سي شيلز ۾ رجسٽرڊ آفشور ڪمپنين جي ايڊريس 2 زمان پارڪ لاهور ۾ آهي، جيڪا عمران خان جي گھر جي ايڊريس آهي. ٻئي پاسي آفشور ڪمپنين جي مالڪ فريد الدين جو چوڻ آهي ته اهي ڪمپنيون منهنجون آهن، وزيراعظم عمران خان جو ان سان ڪو تعلق ناهي. هن چيو ته وزيراعظم سان ويجھڙ ۾ ڪا ملاقات به ناهي ٿي. منهنجو برڪي فيملي سان تعلق آهي، جڏهن ته وزيراعظم جو به آهي. 2013 يا 2014 ع ۾ آفشور ڪمپنيون ختم ڪري ڇڏيون هيون. ٻئي پاسي شهباز گِل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ڪو به دوست يا مائٽ فريد الدين نالي سان ناهي، وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ هڪ هڪ دستاويز پيش ڪري چڪو آهي.