ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ سرڪار پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن پاران ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ڪرايل ٽيسٽ تي اعتراض واريندي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ميڊيڪل ڪميشن جوڙڻ جو چتاءَ ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته پي ايم سي ۾ ميڊيڪل ۾ داخلا واري ٽيسٽ وٺڻ جي اهليت ئي ناهي، پنجاب جي سليبس جي بنياد تي پيپر ٺاهيو ويو، ڪورونا وبا هجڻ باوجود ٽيسٽ لاءِ پاسنگ مارڪون 65 سيڪڙو رکيون ويون، اسان جا خدشا ۽ اعتراض نه پيا ٻڌيا وڃن. هاڻي سنڌ حڪومت وٽ ڊاڪٽرن جون مستقبل بچائڻ لاءِ 2 آپشن بچيا آهن سنڌ ميڊيڪل ڪميشن قائم ڪري اميدوارن جي ٽيسٽ پاڻ وٺون يا وري سنڌ جي سيٽن تي پرسنٽيج وارو شرط ( پاسنگ مارڪن) ئي نرم ڪريون. هن چيو ته اسان کي پي ايم سي تي پهريان کان ئي اعتراض آهن، جنهن اداري مان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو نقصان ڪيو وڃي، اھڙو ادارو ھجڻ جو فائدو ناھي، ڪيترائي دفعا خط لکڻ باوجود اسان جي ڳالهه ٻڌي نٿي وڃي. جيڪڏهن اسان هتي ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلائون ڏينداسين ته اسان جي پنھنجي صوبي جي شاگردن جو نقصان ٿيندو، ٻين صوبن جا ٻار سنڌ ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد واپس پنهنجي صوبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا، جنھن سان مستقبل ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ سنڌ ۾ صحت جي نظام جو توازن برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويندو.صوبائي وزير چيو ته پي ايم سي پاران ٽيسٽ کانپوءِ شاگردن کي جوابي شيٽ نه ڏني وئي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کان اھي شڪايتون به مليون ته ڪجهه سوال پهريان کان ئي آئوٽ ڪيا ويا هئا، رڳو پنجاب جي سيلبس جي بنياد تي سنڌ جي شاگردن جي لاءِ پيپر ٺاهيو ويو، پي ايم سي جي اهڙين پاليسين خلاف نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ ۾ ميڊيڪل جا شاگرد احتجاج تي ڪري رهيا آهن. شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، هاڻي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، اها خطرناڪ آهي. پرائيويٽ سيڪٽر (خانگي ميڊيڪل ڪاليجز) جون 30 سيڪڙو سيٽون خالي رهجي ويون آهن. هن چيو ته پي ايم سي طرفان هر دفعي نئين انداز ۾ پيپر ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن پي ايم سي وٽ امتحان وٺڻ جي صلاحيت ناهي ته پوءِ کين شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ جو حق به ناهي، جيڪو سيلبس پنجاب ۾ پڙهايو وڃي ٿو، اهو سنڌ جي سيلبس کان مختلف آهي. سنڌ جي ميڊيڪل جي شاگردن کي ديوار سان لڳايو ويو آهي، عذرا پيچوهو چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا پنهنجا خدشا ۽ تجويزون پيش ڪيون آهن، پي ايم سي، ايم ڊي ڪيٽ جي معاملي ۾ پنهنجي تڪراري پاليسي تي بضد آهي. آرڊيننس ذريعي پي ايم سي کي زبردستي لاڳو ڪيو ويو، فيڊريٽنگ يونٽس (صوبن) کان پڇيو ئي نه ويو، هن چيو ته اسان پنهنجي ميڊيڪل سيٽن تي 30 يا 40 سيڪڙو تحت ٻارن کي داخلا ڏينداسين. اسان سنڌ ۾ پنهنجي ڪميشن ٺاهينداسين اسان پي ايم سي کان پهريان ميڊيڪل يونيورسٽيز ۾ داخلا لاءِ صوبائي سطح تي ٽيسٽ وٺندا رهيا آهيون. اسان جي ميڊيڪل سسٽم ۾ ڪا به خرابي ناهي. هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي سلسلي ۾ داخلا پاليسي ۽ ٻين معاملن ۾ صوبي وٽ پنهنجي قانونسازي جو حق پڻ موجود آهي. ٻئي طرف صحت کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري انجنيئر قاسم سراج سومري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پي ايم سي جي پاليسين سبب پنهنجن سرڪاري توڙي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي هڪ به سيٽ خالي رهڻ نه ڏينداسين. جيتوڻيڪ پي ايم سي پاسنگ مارڪن لاءِ 65 سيڪڙو جو شرط رکيو آهي جيڪڏهن اسان جون سيٽون خالي رهيون ته پوءِ اسان نرمي ڪري اهي سيٽون ڀرينداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان ضرورت پوڻ تي پاسنگ مارڪن جي شرح 40 سيڪڙو تائين به کڻي وينداسين.