ڪراچي: سنڌ سرڪار ٻن سالن کان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن (پي ايم سي ) تي اعتراض وارڻ باوجود سي سي آءِ سميت ڪنهن وفاقي فورم تي احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو، وفاقي حڪومت کي رڳو خط لکيا ويا، صدارتي آرڊيننس تحت جوڙيل پي ايم سي تحت خاص طور تي خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٻين صوبن جي ڊوميسائيلن هولڊرن جي داخلا ۽ پوري مُلڪ جي اميدوارن کان هڪ جهڙي ٽيسٽ وٺڻ واري معاملي تي پي ايم سي جي جوڙجڪ کان وٺي سنڌ سرڪار رڳو اعتراض واري لاڳاپيل اختيارين ڏانهن خط لکندي رهي آهي