لاهور: وزيراعظم جي ترجمان شهباز گِل عمران خان جي گھر واري ايڊريس تي آفشور ڪمپنيون ظاهر ٿيڻ تي رد عمل ڏنو آهي. شهباز گِل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ڪو به دوست يا مائٽ فريد الدين نالي سان ناهي، وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ هڪ هڪ دستاويز پيش ڪري چڪو آهي.