ڪراچي (م ڊ) پاناما ليڪس کانپوءِ دنيا جي نامور شخصيتن جي مالي معاملن جي تحقيق تي ٻڌل “پنڊورا پيپر” نالي تحقيق مڪمل ٿي وئي آهي، جيڪا اڄ جاري ڪئي ويندي. اها تحقيق هڪ ڪروڙ 19 لک فائلن تي ٻڌل آهي. تحقيق لاءِ دنيا مان 117 ملڪن جي 150 ميڊيا ادارن حصو ورتو. پاڪستان مان دي نيوز جو صحافي عم چيما ۽ فخر دراني جاچ ۾ شامل هئا. انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ جي حساب سان ۾“پنڊورا پيپر” پانا ما پيپرز کان وڌيڪ وڏي تحقيق آهي. دنيا جي صحافتي تاريخ ۾ ڪنهن تحقيقات تي ڪم ڪندڙ هي سڀ کان وڏي صحافتي ٽيم آهي. دنيا مان 600 کان وڌيڪ رپورٽرن ٻن سالن تائين ان تحقيق تي ڪم ڪيو. خانگي ٽي وي چينل موجب آءِ سي آءِ جي دنيا جي ناميارين شخصيتن جي مالي معاملن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي ته ڪهڙي ماڻهو جون ملڪيتون ڪٿي پيل آهن. تحقيق ۾ حصو وٺندڙ صحافي عمر چيما جو چوڻ آهي ته هن تحقيق ۾ پاناما پيپرز کان به وڌيڪ انگ ۾ پاڪستاني شامل آهن. “پنڊورا پيپرز” اڄ رليز ڪئي ويندي، پاڪستاني وقت مطابق اڄ رات 9:30 منٽن تي تحقيق جاري ڪئي ويندي.