لنڊن(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف لنڊن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ڊگهي ملاقات ڪري عمران خان جي لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ، آرمي چيف جي مقرري، مهانگائي ۽ ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا، حڪومت نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪري ڇڏيو وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته نواز شريف سان آرمي چيف جي مقرري تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، هو جلد واپس ايندو. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ ٻئي ڏينهن به نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن دوران مريم نواز، خواجه آصف، ملڪ احمد خان، سليمان شهباز ۽ حسين نواز موجود هئا. شهباز شريف ۽ نواز شريف وچ ۾ ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي، وزيراعظم جي لنڊن ياترا دوران ملڪي سياست بابت اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پي ٽي آءِ لانگ مارچ، نئين آرمي چيف جي مقرري سميت مهانگائي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.  ٻئي طرف بچاءُ وزير خواجه آصف نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته آئون لنڊن آيو ئي نواز شريف کان نئين آرمي چيف جي مقرري تي رهنمائي وٺڻ آهيان. ملاقات ۾ ملڪ ۾ بدامني، ٻين مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس ۾ آرمي چيف جي مقرري تي قطعي فيصلو نه ٿيو آهي. هن چيو ته نواز شريف سان سندس واپسي تي به ڳالهايو آهي هو جلد واپس ايندو چاهيون ٿا نواز شريف تڏهن واپس اچي جڏهن حالتن جو رخ طئي ٿي چڪو هجي. هن چيو ته ملڪ ۾ مارش لا جو امڪان نه آهي، ماضي مان سڄي ملڪ سکيو آهي جنهن ۾ ادارو به شامل آهي، پنجن ڏهن ڏينهن ۾ حالتون واضح ٿي وينديون. هن چيو ته عمران خان سعودي ولي عهدي جي دوري کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو، عمران کي اطلاع ملي سگهن ٿا ته اسان جو به ڪجهه اثر رسوخ آهي.  هوڏانهن لنڊن ۾ موجود ن ليگ قائد نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو آهي. نواز شريف جي خانداني ذريعن تصديق ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سفارتي پاسپورٽ ملي ويو آهي. هوڏانهن نواز شريف جو به چوڻ آهي ته سفارتي پاسپورٽ وٽس ڪيترن ئي ڏينهن کان موجود آهي.