اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پاران قومي اسيمبلي جي 7 سيٽن تي چونڊ وڙهڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ٻن کان وڌيڪ سيٽن تي چونڊ وڙهڻ تي پابندي لڳائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل پيش، لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي، حڪومتي اتحاد ۾ شامل جي يو آءِ جي ميمبر محمد جمال الدين جي ٽن ترميمي بلن جي وفاقي حڪومت پاران مخالفت ڪرڻ تي ٽئي بل رد، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران جي يو آءِ سان تعلق رکندڙ محمد جمال الدين پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ ايڪنامسٽ ايڪٽ 2010ع، نيشنل يونيورسٽي براءِ سائنس ٽيڪنالاجي ايڪٽ 1997ع، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ايڪٽ 2000ع ۾ ڌار ڌار ترميمي بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري جن ترميمي بلن ذريعي مذهبي اسڪالرن کي بورڊن ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي هئي، وفاقي حڪومت بلن جي مخالفت ڪئي وئي جنهن ڪري اڪثريت راءِ سان اهي بل رد ڪيا ويا، جڏهن ته جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي آئين جي آرٽيڪل 223ع جي ڪلاس 2 ۾ ترميم جو بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري جنهن جي حڪومت مخالفت نه ڪئي، جنهن کان  پوءِ اهو بل لاڳاپيل ڪاميٽي کي وڌيڪ غور لاءِ اماڻيو ويو ، بل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي ٻن کان وڌيڪ تڪن تي چونڊ وڙهڻ تي هن بل جي منظوري سان پابندي تصور ٿيندي، ان حوالي سان ڳالهائيندي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته پهريان چيو ويندو هو ته هر قومي اسيمبلي جي تڪ تي 2 ڪروڙ 70 لک رپيا خرچ ايندو آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊ لاءِ اميدوارن کي 46 ارب رپين جي ضرورت پوندي آهي، هن وقت في تڪ تي چونڊ خرچ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ٻن کان وڌيڪ سيٽن تي چونڊ وڙهڻ غير ضروري ۽ پيسي جو زيان آهي، جڏهن ته اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي مهرين ڀٽو اسلام آباد ۾ وفاقي ضياءُ الدين يونيورسٽي جي قيام لاءِ بل پيش ڪيو، جيڪو لاڳاپيل ڪاميٽي کي اماڻيو ويو، نواز ليگ جي زهريٰ ودود فاطمي اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن جي رجسٽريشن واري ايڪٽ ۽ ثمينا مطلوب اسلام آباد ۾ مختلف مرضن جي نگراني ۽ ڪنٽرل سينٽر جي قيام لاءِ ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪي لاڳاپيل ڪاميٽين کي اماڻيا ويا.

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پنجاب صوبي اندر پوليس جي سرپرستي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن پاران احتجاج، تفصيل موجب اپوزيشن ليڊر راجا رياض پي ٽي آءِ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پنجاب ۾ غنڊَا گردي ۽ فتني جي انتها ڪندي سمورا روڊ بند ڪيا ويا آهن، پوليس جي سرپرستي ۾ 20-20 ماڻهن روڊ بند ڪري رکيا آهن،  مون کي راجا نادر پرويز جي گهرواريءَ جي وفات تي ان وٽ وڃڻو هو پر ڪٿان ڪو رستو نه مليو، حڪومت نرمي سان نه پر افراتفري پيدا ڪندڙن سان سختي سان پيش اچي، امن امان کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته وفاقي شرعي عدالت پاران وياج خلاف ڏنل فيصلي تي داخل اپيلون واپس وٺڻ جي اعلان تي وفاقي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيان ٿو پر حبيب بينڪ ۽ يو بي ايل اپيلون واپس نه ٿيون وٺن ڇا اهي اسٽيٽ بينڪ جي اين او سي تحت ڪم نه ڪري رهيا آهن، اپيل واپس نه وٺن ته انهن جي اين او سي رد ڪئي وڃي، وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ائين نه ٿيندو آهي ته ڪنهن صوبي ۾ جيڪا حڪومت هجي اها پوليس جي نگراني ۾ احتجاج ۽ رستا بند ڪرائي، عمران خان ڪنهن تي ۽ ڪنهن لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، هي چئي رهيا آهن ته نومبر جي آخر تائين راولپنڊي ۽ اسلام آباد وچ ۾ احتجاج ڪنداسين، هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته وزيرآباد حملي کي ڪنٽرول روم کان مانيٽرنگ ڪيو پئي ويو پر ان 70 سال جي ٻار کي اهو معلوم ناهي ته جڏهن ڪنٽرول روم مان ڪنهن مامري کي مانيٽرنگ ڪيو ويندوآهي ته ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي چاڙهيو ويندو آهي، نواز شريف کي هاءِ جيڪر بڻائي سزا ڏياري ويندي آهي، هي ڪهڙو انوکو لاڏلو آهي جيڪو کيڏڻ لاءِ پاڪستان گهري ٿو، غير آئيني قدمن کي نه برداشت ڪنداسين، پي ٽي آءِ جي ميمبر جويريه ظفر چيو ته ملڪ عدالتن کي هلائڻ لاءِ ڏنو وڃي، عدالتن کي جن مامرن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي اتي ڪن ٿيون، جن ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي اتي نه ٿيون ڪن، نواز ليگ جي سعد وسيم چيو ته ورچوئل يونيورسٽي جا 44 سيڪڙو شاگرد فيل ٿي ويا آهن، پاس ٿيڻ جي معيار کي اوچتو تبديل ڪيو ويو ان جو نوٽيس ورتو وڃي، ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته امن امان جي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.