راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سيالڪوٽ ۽ منگلا گيريزن جو الوداعي دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آفيسرن ۽ جوانن سان خطاب ۾ آرمي چيف فارميشنز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته فوجي جوان هر قسم جي حالتن ۾ ان ئي جذبي ۽ عزم سان قوم جي خدمت ڪندا رهن. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف مختلف آپريشنز ۾ قدرتي آفتن دوران بهترين ڪارڪردگي تي فارميشنز کي ساراهيو.