ڪراچي(رپورٽ: شاهد  ميراڻي) سنڌ حڪومت ڪمند جو اگھه مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام، شگر ڪين بورڊ جو اجلاس 3 ڪلاڪن بعد بِنا نتيجي ختم، شگر مِلز مالڪن کي 20 نومبر کان ملون هلائڻ لاءِ پابند بڻايو ويو، 29 نومبر تائين شگر ملز کي ڪمند جي ڪرشنگ شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌ آبادگار بورڊ پاران ڪمند جو اگھه 321 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز، پاسما 18 نومبر تي پنجاب ۾ اگھه مقرر بعد سنڌ ۾ ڪمند جو اگھه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت پاسما جي تجويز منظور ڪندي آبادگارن جي هِڪ ئي نه مڃي! ان حوالي سان ڪالهه زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ جي صدارت هيٺ ڪمند جو اگھه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون هلائڻ جي حوالي سان شگر ڪين بورڊ جو ٻيو اجلاس به بِنا نتيجي ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ ايوان زراعت، سنڌ آبادگار بورڊ،  زراعت کاتي جي اختيارين توڙي شگر ملز جي تنظيم پاسما جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ، اجلاس ۾ پاسما جون سموريون تجويزون تسليم ڪندي آبادگارن جي مطالبن ۽ تجويزن کي پاسي تي رکيو ويو، ڪمند جي اگھه بابت اجلاس ختم ٿيڻ تائين اتفاق نه ٿيڻ جي ڪري اگھه اڃا تائين مقرر نه ٿي سگھيو، اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمود نواز شاھه پاران اجلاس ۾ تجويز رکي وئي ته ڪمند جو في مڻ اگھه 321 رپيا مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته پاسما پاران پنجاب ۾ اگھه مقرر ٿيڻ کان اڳ سنڌ جو اگھه مقرر ڪرڻ تي اعتراض واريو ويو، جنهن تي زراعت کاتي پاران 18 نومبر تي پنجاب جو اگھه مقرر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪمند جو اگھه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان موقعي تي زراعت کاتي پاران شگر ملز مالڪن کي پابند بڻايو ويو ته  20 نومبر تائين  هر حال ۾ شگر ملون هلايون وڃن، جڏهن ته  29 نومبر کان ڪمند جي پيڙائي به شروع ڪئي وڃي، اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ نديم شاھ پاران تجويز پيش  ڪئي وئي ته ڪمند جو في مڻ اگھه 321 رپيا مقرر ڪيو وڃي، سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ نديم شاھ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته 321 رپيا في مڻ اگھه مقرر ٿيڻ کانپوءِ  آبادگار کي رڳو 55 رپين جي بچت ٿئي ٿي، هن چيو ته ڪمند جي جلد ڪٽائي شروع نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻڪ جي پوکي ۾ دير ٿيندي، هن ڀيري آبادگار انهي پوزيشن ۾ ناهن ته ڪمند جي پوکيل فصل تي ايترو نقصان برداشت ڪري سگھن.  اجلاس دوران پاسما پاران سنڌ حڪومت اڳيان هڪ ڀيرو ٻيهر شرط رکيو ويو ته سنڌ جي شگر ملز  وٽ پيل 22 لک ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي وفاقي  سرڪار کان اجازت ڏياري وڃي، پاسما جي نمائندن اجلاس کي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 80 ارب رپين جي کنڊ ذخيرو پيل آهي، جيڪا ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه پئي ملي. ذريعن موجب ته پاسما اڳواڻن پاران اجلاس ۾ چيو ويو ته پنجاب جي شگر ملن جي ذخيرو پيل کنڊ  ٻاهر نڪري وئي آهي، رڳو سنڌ جي شگر ملز جي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. جنهن تي زراعت واري صلاحڪار مننظور وساڻ کين خاطري ڪرائي ته انهي معاملي تي وفاق سان ڳالهايو ويندو. ان حوالي سان منظور وساڻ  جو چوڻ هو ته شگر ملز کي پابند بڻايو ويو آهي ته اهي 20 نومبر کان شگر ملون هلائيندا. ذريعن موجب  اجلاس دوران آبادگارن ۽ پاسما ۾ گرما گرمي پڻ ٿي ، صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ اجلاس دوران پاسما ۽ آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن سان الڳ الڳ معاملا طئه ڪرڻ بعد شگر ملون هلائڻ جي تاريخ طئه ڪري اجلاس ختم ڪيو! اجلاس دوران پاسما پاران هڪ ٻيو مطالبو رکندي چيو ويو ته شگر ملون اڃا تائين 65 رپيا في ڪلو کنڊ وڪڻي رهيون آهن، انهي ڪري ڪمند جي اگهه کي کنڊ جي اگهه سان مشروط ڪيو وڃي  پاسما جي اهڙي مطالبي تي آبادگارن ۽ پاسما وچ ۾ گرما گرمي ٿي وئي، آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته بورڊ جي اختيارن ۾ جيڪي معاملا ناهن، انهن تي اجايو وقت ضايع نه ڪيو وڃي، جنهن تي پاسما جي نمائندن اجلاس مانا اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته منظور وساڻ ٻنهي ڌرين سان الڳ الڳ گڏجاڻي ڪري اهو طئه ڪيو ته شگر ملون 20 نومبر کان هلايون وينديون، جڏهن ته   29 نومبر تي ڪرشنگ شروع ڪئي ويندي. پاسما اڳواڻن اجلاس کي ٻڌايو ته مٽياري شگر ملز اڄ صبح 11 وڳي کان هلائيندي ويندي  جڏهن ته سکر جي ڪِرن شگر مل سڀاڻي کان هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اهڙي  طرح گھوٽڪي شگر ملز پهرين ڊسمبر کان هلڻ جي آگاهي ڏني وئي. پاسما جو چوڻ هو ته 20 نومبر کان مرحيلوار شگر ملون هلڻ شروع ٿي وينديون.