اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جي سينيٽ جي رڪنيت تان ڏنل استعيفا منظور ڪئي وئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران مصطفيٰ نواز کوکر جي سيٽ خالي قرار ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ڪالهه مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي استعيفا سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وٽ جمع ڪرائي، مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته مان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۾ نه پيو وڃان، مان پنهنجي آزادي برقرار رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، مصطفيٰ نواز کوکر اعظم سواتي ۽ سندس گهرواري جي وڊيو رڪارڊنگ واري معاملي تي پارٽي پاليسي جي ابتڙ سخت موقف اختيار ڪيو هو، مصطفيٰ نواز کوکر تصديق ڪئي هئي ته پارٽيءَ جي قيادت پاران سينيٽ جي رڪنيت تان سندس استعيفا طلب ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي پاران مصطفيٰ نواز کوکر کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرايو ويو هو.