اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اتحادين سان اجلاس کان پوءِ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڌار به ملاقات ڪئي، اهم مقررين تي مشاورت ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ(ق) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۾ پڻ ملاقات ٿي، شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ چوڌري شجاعت جي آجيان ڪئي ۽ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين کي اهم فيصلن کان آگاهه ڪيو.