اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته آرمي چيف جي سمري کي صدر روڪيو ته موجوده آرمي چيف برقرار رهي سگهي ٿو ۽ سڀ کان سينئر جنرل کي عارضي چارج به ڏئي سگهجي ٿي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن صدر عارف علوي آرمي چيف جي سمري کي روڪيو ته موجوده آرمي چيف پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو ۽ سندس مدي ۾ واڌ ٿي ويندي، جڏيهن ته سينئر ترين جنرل کي ڪمان به ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم جي اجلاس ۾ آصف زرداري صلاح ڏني ته اتحادي آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي پنهنجي راءِ نه ڏين جنهن تي سمورن اتحادين اتفاق ڪيو ۽ ڪا به راءِ نه ڏني. عمران گهوڙي تان لهي اچي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته آرمي چيف خطاب ۾ ڪجهه ڳالهيون نه چوي ها ته بهتر هو.