اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر آرمي چيف جنرل باجوه جي خطاب تي ردعمل ڏنو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اسد عمر لکيو ته مفت مشورو، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهو يقين ڪن ته اوهان غير سياسي آهيو ته هڪ سياسي تقرير ڪري ماڻهن کي ان ڳالهه جو يقين نه ڏياريو ته اوهان غير سياسي آهيو.