مٽياري: ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو واسو مل جي اغوا جي حوالي سان پنهجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جديد دورو آهي ٽيڪنيڪل ٽيمون به جاچ ۾ گڏ کنيون آهن جن جي به مدد ورتي پئي وڃي، جتان واسو مل کي اغوا ڪيو ويو آهي اتي لڳل موبائيل ٽاور ذريعي به ڪافي نمبرز ٽريسنگ تي لڳايا آهن ۽ جوڙيل ٽيمون به پنهجو پنهجو ڪم رهيون آهن وارثن سان هر پل رابطي ۾ آهيون جلد ئي ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين ۽ واسو مل کي بازياب ڪرائي وٺنداسون هن چيو ته نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.