هالا: ڀٽ شاهه مان اغوا ٿيل هندو واپاري واسومل جي اغوا واقعي خلاف هالا ۾ واپاري ۽ هندو برادري پاران آسومل جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هندو پئنچائت هالا جي اڳواڻ سيٺ نند ڪمار، صدر رميش ڪمار، ڪندن لعل، مڪيش ڪمار، واپاري ايسوسيئيشن ضلعي مٽياري جي صدر محمد اسلم ميمڻ، سارنگ ڳاهوٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعو مٽياري هن وقت پوليس انتظاميا جي لاپرواهي سبب بدامني جي ورچڙهيل آهي، هالا، ڀٽ سميت پوري ضلعي ۾ اغوا، چوري، ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، ضلعي جي پوليس ڏوهارين سان ملي کين منشيات، جوا، آڪڙا جي وڪري جي هفتيوار لکين رپيا ڀتو وصول ڪرڻ تي اجازت ڏيڻ سبب پوري ضلعي ۾ بدامني ڏينهنون ڏينهن وڌڻ لڳي آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته واسومل جي اغوا ٿيڻ جي ڪڙي به ان جي نشاني آهي، هنن ٻڌايو ته ضلع پوليس انتظاميا جي لاپرواهي سبب ضلعي مٽياري جو ڪو به علائقو ڏوهن کان محفوظ ناهي رهيو، احتجاج ڪندڙ واپارين ۽ هندو پئنچائت جي اڳواڻن ضلع پوليس انتظاميا کي چتاءُ ڏيندي چيو ته پوليس 48 ڪلاڪن ۾ واسومل کي ازاد نه ڪرايو ضلع ڀر جا واپاري ۽ هندو برادري جا ماڻهو ايس ايس پي آفيس مٽياري آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻندا. ٻئي پاسي ڀٽ شاهه ٿاڻي تي موجود ڊي ايس پي هالا کان واسومل جي اغوا واقعي ۽ سندس بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو مون هن ضلعي ۽ هالا پوسٽنگ کي اڃا ن هڪ هفتو هجڻ جو جواب ڏيندي واقعي کان لا علمي ظاهر ڪئي.