اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ سوين پورهيتن سهولتون ۽ وقت سر پگهار نه ملڻ خلاف بلاڪ ون اندر مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. عملدارن جي خاطرين باوجود پورهيتن احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ٿرڪول بلاڪ ون تي بنيادي سهولتون نه هجڻ، پورهيتن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن توڙي وقت سر پگهارون ۽ گيٽ پاس نه ملڻ خلاف ڪالھه سوين پورهيت ڪم بند ڪري بلاڪ ون جي گيٽ اندر احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب بلاڪ ون تي مختلف ڪمپنين سان ڪم ڪندڙ سوين پورهيتن مظاهري بعد ڌرڻو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڪمپني عملدارن پورهيتن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پورهيتن اهو چئي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته پهرين مسئلاحل ڪريو، پوءِ احتجاج ختم ڪيو ويندو. احتجاج ڪندڙ پورهيتن فون تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪنهن به پورهيت کي بنيادي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن. مزدورن لاءِ سيفٽي ڪٽ نه آهي، صحت جون ڪي به سهوليتون نه آهن، ايتري تائين جو پيئڻ ۽ وهنجڻ لاء پاڻي به نٿو ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪو مزدور بيمار ٿي پوي ٿو ته ان کي بروقت اسپتال نٿو پهچايو وڃي. ان ڪري پورهيتن جي فوت ٿيڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. پگهار وقت تي نٿي ملي، هنگامي صورتحال ۾ گيٽ پاس نٿي ڏني وڃي. ڪير به دانهن نٿو ٻڌي، اهڙي صورتحال ۾ مجبورن احتجاج ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين پورهيتن جو احتجاج جاري هو.