فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج لڳ ڳوٺ پريل چانگ ۾ جوابدار مبينا طور گهر ۾ داخل ٿي لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي مسمات غلام ڪبريٰ، غلام ظهرا چانگ، امير بخش، پير بخش ۽ نبي بخش چانگ کي شديد زخمي ڇڏيو. زخمين کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. زخمين جو چوڻ آهي ته برادري جي احمد علي ۽ ياسين چانگ وارن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي انهن حملو ڪري فائرنگ به ڪئي آهي، جڏهن ته فيض گنج ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.