ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ پاران ننڍن واپارين کان  بجلي بلن  ذريعي سيلز ٽيڪس اوڳاڙڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ طرفان جواب داخل ڪرائڻ بعد ڊپٽي اٽارني جنرل کي چئن هفتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪراچي جي ننڍن  واپارين درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ننڍا واپاري سيلز ٽيڪس جي ذمري ۾ نٿا اچن، حڪومت جو فيصلو غير قانوني  هوندي هلندڙ مهيني جي بجلي بلن ۾ ٽيڪس لڳايو ويو آهي.