دادو/ ڦلجي اسٽيشن (نمائندن وٽان) ڦلجي اسٽيشن ۾ پوليس مبينا مقابلو ڪري زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار کي عدالت کڻي وئي، جيڪو ڪورٽ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڦلجي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي جوابدار عابڙو عرف عابد پنهور ڪورٽ ۾ پيشي دوران فوت ٿي ويو، مقتول جي وارثن پاران پوليس تي جڙتو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي قتل  ڪرڻ جاالزام هنيا ويا آهن. معلوم ٿيو آهي ته ڦلجي اسٽيشن پوليس پاران عابد پنهور کي گوڏي کان هيٺ پنيء ۾ گولي هنئين جتي نسون ٽٽڻ سبب رت بند نه ٿيو، ڊيوٽي ڊاڪٽر پڻ زخمي جو موت گهڻو رت ضايع ٿيڻ ڄاڻايو آهي، ايس ايڇ او ڦلجي اسٽيشن داخل ڪيل ايف آء آر ۾ ڄاڻايو آهي ته ڦلجي اسٽيشن ڀرسان تلائن وٽ 3 هٿيار بند ڏوھ جي ارادي سان بيٺا هئا جن پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ عابد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو آهي ، سندس 2 ساٿي ڀڄي ويا آهن ، مقتول جي ڀيڻ صغران پنهور روئيندي ٻڌايو ته اسان يتيم آھيون ماء پيء ناهي۔3 ڏينهن اڳ سگا جي اسڪول روشن تارا مان پکا چوري جي الزام ۾ سگا جي صدر آفتاب احمد پنهور ۽ ٻين پوليس سان گڏجي ڀاء کي گهران پڪڙي گرفتار ڪري کڻي ويا هئا، گذريل رات پوليس ڪوڙو جڙتو مقابلو ڄاڻائي ڀاء کي ڄنگھ ۾ گولي ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ ڏوهاري هجڻ جو ڪوڙو  ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،  پوليس بااثرن جي چوڻ تي لڳي ڀاء جو صحيح علاج نه ڪرايو جنهن سب ڀاء تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، وس وارن ۽ انساني تنظيمن کان مطالبو آھي ته جوڊيشنل انڪوائري ڪري ملوث ماڻھن سميت پوليس عملدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو.