ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي بلن ذريعي ڪي ايم سي جو  ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙڻ واري فيصلي خلاف شهري نيو ڪراچي جي پاور هائوس ٻاهران ڪچرو اڇلائي ويا، مڇريل شهري ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين ۾ به ڪچرو اڇلائڻ لڳا، هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين توڙي آفيسن ۽ پاور هائوس ٻاهران ڪچرو اڇلائڻ تان عملي ۽ شهرين ۾ جھيڙا معمول بڻجي ويا آهن. ڪالهه نيوڪراچي جي پاور هائوس جي داخلي رستي وٽ ڪچرو اڇلائيندڙ شهرين جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي بلن ذريعي  ڪچرو کڻڻ  جي في به اوڳاڙي رهي آهي، انهي صورت ۾ شهر جو ڪچرو  کڻڻ به سندس ذميواري  ۾ شامل آهي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ به شهري ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏي ۾ ڪچرو اڇلائي ويا هئا، جنهن تان عملي ۽ شهرين وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي.