اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين ڊي ايم اي 19 سيپٽمبر تائين ملڪ اندر ٻوڏ سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصان تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي،  اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب وڌيڪ 15 ڄڻا فوت ٿيا،  جيڪي سمورا سنڌ صوبي ۾فوت ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ مجموعي طور تي ملڪ اندر ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد وڌي 1559 تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ مجموعي طور تي فوت ٿيندڙن جو تعداد وڌي 692 تي پهچي ويو آهي، جنهن ۾ 289 ٻار، 274 مرد ۽ 129 عورتون شامل آهن، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ صوبي اندر وڌيڪ 21 هزار 123 گهر مڪمل توڙي جزوي طور تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جن ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 5 هزار 644 ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 15 هزار 479 آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ مجموعي طور تي مڪمل طور توڙي جزوي طور تباهه ٿيل گهرن جو تعداد وڌي 17 لک 50 هزار 707 ٿي ويو آهي، جن ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 7 لک 3 هزار 986 ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 10 لک 26 هزار 90 آهي، جڏهن ته ملڪ اندر مجموعي طور تي مڪمل توڙي جزوي طور تباهه ٿيل گهرن جو تعداد وڌي 19 لک 79 هزار 485 تي پهتو آهي، جن ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 7 لک 87 هزار 918 ۽ جزوي طور تي تباهه ٿيل گهرن جو تعداد 11 لک 70 هزار 936 آهي، اين ڊي ايم اي پاران گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ صوبي ۾ وڌيڪ 13 هزار 813 چوپائي مال جي مرڻ جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ مرندڙ چوپائي مال جو تعداد وڌي 2 لک 46 هزار 406 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ اندر ٻوڏ سبب مرندڙ چوپائي مال جو تعداد 9 لک 73 هزار 632 ٿي ويو آهي.