نيويارڪ (دلچسپ نيوز) واٽس ايپ ”گلوبل وائس ميسيج پليئر“ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کي شروعاتي طور تي آءِ فون جو بيٽا ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.اهو فيچر جلد اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرايو ويندو.گھڻا واهپيدار ڊگھي وائس ميسيج کان بيزار هوندا آهن ۽ هڪ چيٽ کان ٻي چيٽ طرف به ناهن وڃي سگھندا ڇو جو ٻي چيٽ ۾ وڃڻ جي صورت ۾ وائس ميسيج جو آواز بند ٿي ويندو آهي.