حيدرآباد: فنڪاره عيني مستوئي کيس حراسان ڪرڻ ۽ تقريب دوران پيش آيل واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ڪري ايس ايس پي امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جئين هٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري محفل ۾ ڳائڻ لاءِ مجبور ڪندڙ ۽ حراسان ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل اچي سگهي. ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي عيني مستوئي تصديق ڪئي ته ساڻس اهڙي قسم جو واقعو پيش آيو آهي جنهن خلاف هو اڄ ايس ايس پي آفيس ۾ به درخواست جمع ڪرائيندي. هن چيو ته ڄاڻايل واقعي جو ذميوار اتي وٺي ويندڙ شخص شاهنواز آهي جنهن جي ڪري سندس رقم به ڦر ٿي آهي.