ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊومستي قومي شاهراهه تي ٻن ٽرالن ۾ ٽڪر، نوجوان فوت،  ھڪ ڄڻو زخمي، ان ڏس ۾  قومي شاھراھ  تي ٻن ٽرالرن جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ خانيوال پنجاب واسي 25 ورھين جو نوجوان جاويد احمد سيال ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ھڪ ڄڻو سيف الملوڪ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.