حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڳائڻي تقريب ۾ گھرائي مبينا هراسمينٽ جو شڪار ٿي وئي. متاثر فنڪاره عيني مستوئي پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ ڏينهن اڳ رات جو شاهنواز نالي شخص کيس ڪلاٿ مارڪيٽ واري علائقي ۾ عقيقي ۽ سالگرهه جي پروگرام ۾ ڳائڻ لاءِ وٺي ويو جتي شروعاتي طور پروگرام ۾ عورتون موجود هيون پر بعد ۾ اتي ويٺل ماڻهن عورتن کي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ڪري کانئس زوري مردن جي محفل ۾ ڳارايو ۽ مبينا شراب پي پروگرام دوران فائرنگ ڪري کيس ٻانهن مان وٺي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. عيني مستوئي جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايل واقعي بابت پنهنجي گهرڀاتين کي اطلاع ڏنو جن پهچي پروگرام مان ٻاهر ڪڍي گهر منتقل ڪيو. هن چيو ته اتي ڳائڻ دوران کيس 70 کان 75 هزار رپيا گهور ۾ رقم ملي جيڪا هڪ بيگ ۾ پيل هئي جيڪو پڻ اتي موجود ماڻهو کڻي فرار ٿي ويا.