وارھ (ن پ ا) وارھ ٽائون جي مختلف وارڊن تي بيٺل پ پ اميدوارن جي ڪاميابي  لاءِ وارڊ نمبر 1 جي احمدي تنيا ۾ پ پ اميدوار سليم تنيو، وارڊ 7 جي حمل پاڙي ۾ قيصر ڇٽو ۽ يوسي کنڊو ۾ پ پ اميدوار سراج الدين ابڙو ۽ ٻين جي ڪاميابي لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون، ٽائون جي وارڊ 7 تي بيٺل آزاد اميدوار وقاص پنهور ۽ بدرالدين ٻرڙو پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويا.ايم پي اي برهان چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته 26 جون پ پ اميدوارن جي ڪاميابي جو ڏينهن آھي.