لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي جي لاهوري محلي ۾ جي ڊي اي جا جهنڊا لاٿا ويا. اهڙي معاملي  جي سڌ پوڻ تي جي ڊي اي اڳواڻن ارسلان، سرفراز ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي ھدايت تي ميونسپل عملدار ۽ پوليس اسان جا جهنڊا لاهي ڇڏيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جهنڊا لاهيندڙن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻئي پاسي جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم عباسي ۽ پ پ اڳواڻ عامر زيب جتوئي پاران پنهنجن  جلسن ۾ خطاب ڪندي  هڪ ٻئي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.