اڏيرولال (رپورٽ عبدالغفور هنڱورو): اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ سوڍو ڇٽو ۾ ڳورهاري عورت شريمتي سوني ڪولهي مبينه زيادتي جو شڪار ٿي وئي آهي،متاثر عورت سليمان ڇٽو تي زيادتي  جو الزام هنيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڳوٺ جي ڀر ۾ ڪيلي جي فصل مان گاهه ڪري واپس گهر وڃي رهي هيس ته سليمان ڇٽو زبردستي پڪڙي ڪيلي ۾ زنا ڪئي، دانهن علائقي جي چڱن مٺن کي ڏيڻ باوجود ڪوبه داد فرياد نه ڪيو ويو آهي. سندس مڙس چيتن ڪولهي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته منهنجي گهرواري اميد سان آهي، زبردستي زنا ڪرڻ سبب گهرواري جي پيٽ ۾ پيل ٻار کي پڻ خطرو آهي ۽ منهنجي گهرواري کي مسلسل خون هلي رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي جي چڱن داٻا ڏيندي چيو آهي ته پوليس وٽ ويندا  ته ان جا ذميوار پاڻ هوندو ۽ جيڪڏهن سليمان گرفتار ٿيو ته ان کي پيسا ڏئي اسين ڇڏائي وٺنداسين. هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري ۽ سياسي سماجي ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته زبردستي زنا ڪندڙ جوابدار سليمان ڇٽو کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان 40 سالن کان ان ڳوٺ ۾ ويٺا هئاسين، انصاف نه ملڻ سبب مايوس ٿي پنهنجا ڪکاوان گهر ڇڏي ٻي طرف لڏي وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته زنا کي ڇهه ڏينهن گذري ويا آهن. اسان اهڙي ڳالهه اتان جي وس وارن کي ٻڌائي ته انهن به اسان کي سکڻا آسرا ڏنا ۽ ڪوبه داد فرياد نه ٿيڻ سبب اسان پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي لڏي وڃي رهيا آهيون. هوڏانهن اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي ايس ايچ او شاهزمان چانڊيو جو چوڻ آهي ته معاملو ڇهه ڏينهن پراڻو آهي، ڇهن ڏينهن تائين ناري جا وارث معاملي کي لڪايو ويٺا هئا. هن چيو ته جيئن ئي مونکي خبر پئي ته واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا ۽ واقعي ۾ ملوث سليمان ڇٽو جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن، پر اڃان تائين ملزم هٿ نه اچي سگهيو آهي. ايس ايچ او وڌيڪ ٻڌايو ته معاملي جو ايس ايس پي مٽياري ملڪ ڪليم به نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته ملوث ملزم کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.