وارهه (ن پ ا) وارهه  ۾ مڪاني کاتي جي فوتي ملازم جي والد ۽ ڀاءُ پاران  معصوم ٻار ساڻ کڻي پينشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي دين محمد ميراسي ۽ نورل ميراسي دانهيندي چيو ته نوجوان حضور بخش ميراسي ٽائون ڪاميٽي ۾ واٽر سپلاءِ بيلدار طور نوڪري ڪندو هو، جيڪو جنوري 2020ع ۾ فوت ٿي ويو، سندس پينشن نه پئي ملي، جنهن سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، نوٽيس وٺي پينشن ڏني وڃي.