لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ فوجي فرٽيلائيز ڪمپني جي ميزباني هيٺ شهر جي مقامي شادي هال ۾ ساريالي فصل ۾ زرعي ڀاڻ جي مناسب استعمال بابت سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ايف ايف سي حيدرآباد جي مئنيجر شفيق الرحمنٰ، زراعت کاتي لاڙڪاڻو جي ڊائريڪٽر لال ڏنو جوڻيجو، رائيس ريسرج ڏوڪري جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر اشرف سومرو، سنڌ آبادگار بورڊ لاڙڪاڻي جي صدر عرفان جتوئي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر رياض حسين سومرو، اسد الله سولنگي،  نياز احمد خان سميت 150 کان وڌيڪ هارين ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ايف ايف سي جي زرعي ماهرن چيو ته اسان پاڻ ۾ ملي ڪري ساريالي فصل جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا، زرعي ڀاڻ سونا يوريا، سونا ڊي اي پي، سونا زنڪ، سونا بوران جي بروقت ۽ مناسب استعمال سان فصل جي پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هاري ۽ آبادگار خوشحال بڻجي ويندو. هنن چيو ته هن وقت سنڌ صوبي اندر زمينن ۾ اها طاقت نه رهي آهي، جنهن سبب زمين بار بار پاڻي ۽ ڀاڻ جي گهر ڪندي رهندي آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته زمين مان مادنيات ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪي آهي اهڙي صورتحال ۾ هاري ۽ آبادگار پنهنجي زمينن ۾ ڪجھ وقت لاءِ جنتر جي پوکي ڪرڻ بعد چوپائي مال پاران خارج ڪيل ڀاڻ سميت زرعي ڀاڻ جو مناسب استعمال ڪن جنهن سان زمين طاقتور بڻجي ويندي ۽ فصل پڻ تمام بهتر ٿيندو ۽ فصل جي بهتر ٿيڻ سان هاري ۽ آبادگار خوشحال ٿي ويندو.