باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي هائير سيڪنڊري اسڪول سميت تعلقي باقراڻي جي سمورن هاءِ اسڪولن ، مڊل اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ نئين سال جا درسي ڪتاب ۽ اسڪولن لاءِ آيل فرنيچر پڻ تقسيم ڪيا ويا ، ان سلسلي ۾  هائير سيڪنڊري اسڪول جي آڊيٽوريم هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي ، جنهن ۾ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر  طارق انور سيال ، ڊائريڪٽر سيڪنڊري تعليم  عبدالعزيز چاچڙ ، گلشير سومرو ، ڊي اي او  اختر حسين ڪوريجو، ڊپٽي ڊي اي او عبدالواحد ميمڻ ، سي اي او  ياسر سولنگي  ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت پڻ ڪئي، ، ان موقعي تي شاگردن ، شاگردياڻين کي درسي ڪتاب ۽ فرنيچر ڏنا ويا.