وارھ (ن پ ا) وارھ ڀرسان ڳوٺ ڪنڊو کان گهاڙ ڊرين کي لڳل گهارا بند ڪرڻ لاءِ شھرين جي جدوجهد ٻئي ڏينهن به جاري رهي، گهارو بند ڪرڻ لاءِ 2 هزار پاچڪا لڪڙا ۽ ٻيو سامان لڳائي گهارو بند ڪرڻ جو ڪم زور شور سان جاري آھي، جڏھن ته وارھ شهر مان گذرندڙ پنا شاخ جا ڪپر ڪمزور هئڻ ڪري پاڻي مٺا ڪالوني کان اوور ٽاپ ٿي وهڻ  لڳو آھي.سرڪاري اسپتال، مٺا ڪالوني، شمن ٻرڙو ڪالوني، وارھ ٿاڻي سميت رهائشي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آھي. علائقي واسين اصغر ميراثي، اويس صاحباڻي، سراج مڱڻھار ۽ ٻين  گهر ڪئي ته شاخ کي ڳڙھي ريگيوليٽر کان بند ڪري ڪپر مضبوط ڪري نقصان کان بچايو وڃي.ٻئي طرف صحت کاتي پاران متاثرين جي علاج لاءِ احمدي تنيا پاڙي ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي، جتي متاثرين جو علاج ڪيو ويو، ايم ايس وارھ امام علي تنيو ٻڌايو ته متاثرين ۾ گيسٽرو،خارش ۽ بخار جا ڪيس سامهون آيا آھن جن جو علاج ڪيو پيو وڃي هن چيو ته ڪئمپ جو سلسلو جاري رکيو ويندو.