سجاول جوڻيجو (ن پ  ا) سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ برسات کانپوءِ مليريا، وڏو بخار، کنگهه، زڪام ۽ خارش جي بيمارين ۾ ماڻھو وڪوڙجي ويا،سجاول جوڻيجو شهر ۾ قائم ڊسپينسري ۾ برساتي پاڻي بيهڻ سبب 10 ڏينهن کان او پي ڊي بند آهي. ڳوٺ عبيد الله مستوئي، حيدر ڏيٿو، لقمان سيال، پانڌي، جروار، ڪوٽ لعل بخش مھيسر جي ڊسپينسرين ۾دوائن جي کوٽ آهي.عرضي ڀٽو ۽ ٺوڦ چوسول ۾ بيسڪ هيلٿ سينٽر ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر مقرر هئڻ ڪري مريضن جي رش وڌي وئي.ممتاز علي، علي حيدر جتوئي، محبوب ڀٽي، ارشد سومرو، لطف الله ابڙو، بچل جسڪاڻي جو چوڻ هو ته ڊسپينسرين ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر مقرر ڪري دوائن جي کوٽ ختم ڪري عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.