لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ بيت المال ڪالوني جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف جناح باغ چوڪ تي تتل روڊ تي ٻارڙن کي سمهاري ڌرڻو هنيو. اميد جتوئي،  نواز عمراڻي، روشن کرل ۽ ٻين دانهيو ته بيت المال ڪالوني ۾ 3 کان 4 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آهي، لڏپلاڻ ڪري شاهه محمد پرائمري اسڪول سميت ٻين اسڪولن ۾ رهائش اختيار ڪئي پر هن وقت تائين ضلعي انتظاميا اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي ڏنو ۽ نه ئي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو پيو وڃي، رليف ڪيمپن ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ توڙي راشن، ٽينٽ ۽ سامان لاءِ ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه کي شڪايتون به ڪيون پر افسوس جو ڪير دانهن ٻڌڻ وارو به ناهي. هنن پي پ پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.