لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ئي ڏينهن چونڊن بابت پٽيشن جي حوالي سان اهم مشاورت ڪري ورتي آهي. ليگي ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ بابت پٽيشن جي معاملي تي لاهور ۾ شهباز شريف ويجھن سياسي ساٿين ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي اعليٰ قيادت۽ قانوني ماهرن سان اهم ملاقاتون به ڪيو، جن ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ شامل آهن. ملڪ احمد ۽ احد چيما به ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجن ساٿين سان موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي.