اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وڪيل خواجه طارق رحيم جي آڊيو ليڪ تي نواز  ليگ اڳواڻن جو رد عمل سامهون آيو آهي. بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ثاقب نثار! اوهان نوازشريف سان دشمني ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا آهيو. هن ثاقب نثار کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان، نوازشريف کان پلاند وٺي ڇڏيو ، کيس سزا ٻڌائي، اڃا گهڻي دير ان زهر کي پاليندو رهندئو؟. اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ وڪيل خواجا طارق رحيم بابت مبينا آڊيو ليڪ تي سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته ميان ثاقب نثار  صاحب! اوهان جي آڊيو ٻـُـڌي، تمام گهڻو ڏک ٿيو، اوهان نواز شريف سان دشمني ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا. هن لکيو ته ثاقب نثار چوڏهن پندرهن سال اڳ نواز ۽ شهبازشريف بابت ٻه شڪايتون ڪيون، جيڪي سراسر بي بنياد آهي، مان ميڊيا تي حقيقت بيان ڪري سگهان ٿو. ٻئي پاسي قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عدالتن کي سياسي معاملن ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. پنجاب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته سياسي معاملا عدالتن ۾ نه آندا وڃن، آڊيو ليڪس جي ڳالهه ٻولهه انتهائي سنگين آهن، سينيئر وڪيل ۽ اڳوڻي چيف جسٽس وچ ۾ سنگين گفتگو ٿي آهي. هن چيو ته سياسي ميدان جون ڳالهيون ايوانن ۾ ٿيڻ گهرجي، عدالتن کي سياسي معاملن ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته مخالف، ادارن ۽ سياستدانن کي آمهون سامهون آڻڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن، تاريخ شاهد آهي جڏهن ته سياسي معاملا عدالتن ۾ آيا مُلڪ  ۽ قوم جو نقصان ٿيو. ٻئي پاسي نواز ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته ثاقب نثار جو عمل ملڪ وڪڻڻ کان گھٽ ناهي، ان جھڙن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ گھرجي.