لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سوات جي علائقي ڪبل ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن کي دهشتگردي قرار ڏيندي حڪومتي موقف کي رد ڪري ڇڏيو آهي. لاهور منصوره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ پيش آيل واقعو دهشتگردي آهي، جنهن کي حڪومت لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته خطي ۾ ويهن سالن کان رت جي راند کيڏي پئي وڃي، اها رتو ڇاڻ جو سلسلو ڪڏهنبند ٿيندو ۽ ڪڏهن عوام کي امن نصيب ٿيندو؟ ماڻهو ڪيستائين پنهنجن پيارن جا لاشا وصول ڪندا رهندا؟ هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي هوندي ڪي پي ۾ عملدرآمد ڇو نه ٿي رهيو آهي. خيبرپختونخواهه ئي نه پوري ملڪ ۾ عوام پريشان آهي، حڪومت جي پهرين ذميواري اها آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري. عوام حڪمرانن جي ڪُوڙن نعرن مان بيزار ٿي چڪا آهن، هٿ ٺوڪيون سياسي جماعتون زاتي مفادن ۽ پارٽي جي جھيڙن ۾ منڌل آهن.