ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار اداڪار سنجي دت انڪشاف ڪيو آهي ته هي منهنجو ٻيو جنم آهي، سنجي دت “ڪافي ود ڪرن” جي پهرين سيزن دوران اهڙو انڪشاف ڪيو هو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي. انٽرويو دوران سنجي دت چيو ته منهنجي زندگي بلڪل سادي ناهي، منهنجو هڪ دوست آهي جيڪو گنگاوتي، ڪرناٽڪا ۾ رهندو آهي، جنهن مون کي چنائي جي ڀرسان شيو نيري مندر بابت ٻڌايو. هتي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جتي جنم ڪنڊلي ڪڍي ويندي آهي. سنجي دت چيو ته جنم ڪنڊلي پڙهڻ تي پنڊت ٻڌايو ته تنهنجي پيءُ جو نالو بلراج دت آهي، جنهن تي مون نه چيو ۽ چيو ته هو سنيل دت آهي. مون پنڊت جي دعويٰ کي رد ڪيو، پر هن پنهنجي ڳالهه جي سچائي تي اصرار ڪيو. اداڪار اهو پڻ چيو ته پنڊت مون سان منهنجي گذريل زندگي بابت ڳالهايو ۽ مون کي ٻڌايو ته مان اشوڪ خاندان جو بادشاهه هئس ۽ منهنجي زال جو هڪ وزير سان لاڳاپو هو. هن چيو ته منهنجي زال منهنجي موت جي سازش ڪئي ۽ مون کي جنگ لاءِ موڪليو پر مان ڪيترن ئي ماڻهن کي مارڻ بعد جيئرو موٽي آيو آهيان. سنجي دت چيو ته پنڊت مون کي ٻڌايو ته جڏهن مون کي سازش جي خبر پئي ته مون زال ۽ وزير کي قتل ڪيو.