ڪاڇي واسي هن جديد دور سائنسي دور ۾ پٿر واري زندگي گذاري رهيا آهن

ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ڪاڇي مان تيل گيس نڪري رهيو آهي جيڪو ملڪ جي مختلف صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي ڪاڇي ۾ برسات جو سلسلو گهٽجي نه سگهيو، 10ڏينهن جي لاڳيتين برساتن سبب نئين گاج سميت کيرٿر پهاڙين جي مختلف نئين  جوهي تعلقي جي 8 يوسين جي سوين ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پاڻي جي تيز وهڪرن سبب روڊ رستا ٽٽي چڪا آهن هن وقت ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو ضلعي هيڊڪواٽر توڙي جوهي شهر سان زميني رابطو مڪمل ڪٽيل آهي. ان  حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته واهي پانڌي جي ڳوٺن پير بخش لاشاري، گل لغاري، دودو برهماڻي، پريو جمالي، محمد علي جمالي ۽ صاحب خان لغاري کي نئين جي پاڻيءَ گهيري ڇڏيو آهي. جڏهن ته يوسي ڊرگهه بالا، پٽ گل محمد، ساوڙو، ٽوڙ، ڇنيءَ سميت ڪاڇي جي 8 يوسين جي ڳوٺن ۾ نئين گاج جي سيلاب سبب ڪچا گهر ڀتيون ۽ ڇپرا ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، جڏهن ته رهواسي هن وقت گهرن تائين محدود آهن، آخري اطلاعن موجب پاڻي جي گهيري هيٺ آيل ڳوٺاڻ وٽ هن وقت تائين کاڌي پيتي ڪو به بندوبست نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا پنهنجي روايتي انداز موجب ايف پي بند جوهي تي ميڊيڪل ڪئمپ جي نالي تي ڦوٽو سيشن ڪري پنهنجي ڪارگردگي ڏيکارين پيا، جڏهن ته هنن کي گهرجي گاج جي پاڻي سان گهيريل متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري توڙي کاڌي پيتي جون شيون مهيا ڪيون وڃن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ابراهيم منشي عوامي ۽ قومي شاعر جي حوالي سان!

ڪي ماڻهو دنيا ۾ ٿوري وقت جي لاءِ ايندا آهن ۽ ان ئي ٿوري وقت ۾ ڀرپور زندگي جيئدا آهن، ابراهيم منشي 15 جنوري 1934ع ٽنڊومحمد خان جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق منشي هو. والد 1945ع ۾ سلهه جي بيماري وگھي گذاري ويو. ان وقت ابراهيم منشي جي عمر 11 سال هئي، ڇوٿين ڪلاس ۾ هو جو والد جي وفات کانپوءِ هو پنهنجي پڙهائي جاري رکي نه سگھيو. ابراهيم منشي پڙهائي ڇڏي، 12 سالن جي عمر ۾ هڪ گڏهه وٺي واپار شروع ڪيو، “ٻني جي مياڻ” کان پلا کڻي ڳوٺن ۾ کپائڻ ۽ مختلف قسمن جو سامان، ميوات، ڀاڃيون وغيره وڪڻي گذرسفر شروع ڪيائين. ابراهيم منشي 1949ع ڌاري رومانٽڪ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشي غريب طبقي سان واسطو رکندو هو پر جيئن شعور وڌيس، تيئن سوچ ۽ لوچ عجيب پاسا بدلايا. 1960ع ڌاري هڪ ٺيڪيدار وٺ منشي ٿي بيٺو، تنهن ڪري مٿس منشي جو نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ سندس تخلص طور مشهور ٿيو. ابراهيم منشي جي شاعري 1965ع کان باقاعدي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي. سندس شاعري جا 5 مجموما پڻ ڇپيا. ابراهيم منشي ذوالفقار علي ڀٽي جي گھڻو ويجھو رهيو، ڇاڪاڻ ته 1970ع ڌاري هن جلسن ۾ شاعري پڙهڻ شروع ڪئي. قومپرستي پارٽين جي حوالي سان جلسن ۾ جوشيلي شاعري ڪري عوام کي جذباتي ڪري جوش، ولولو پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ تمام گھڻو سياسي طرح مشهور ٿيو، شروع ۾ سندس وابستگي جي ايم سيد سان رهي، جنهن ڪري 1970ع کان 1975ع تائين جيل جي ياترا ڪرڻي پيس. ابراهيم منشي جيتوڻيڪ مسڪين ماڻهو هو پر سندس دوستي جو دائرو پاڪستان جي وڏن وڏن سياستدانن سان بغير ڪنهن لالچ جي رهيو. جيڪي هن جي  عزت ۽ احترام ڪندا هئا. جن ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، غلام مصطفٰي جتوئي، حاڪم علي زرداري، معراج محمد خان، ذولفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، شهيد فاضل راهو،ممتاز علي ڀٽو، رسول بخش علي پليجو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان سندس محبت ۾ جڙيل هئا. ابرهيم منشي بابت محمد ابرهيم جويي چيو ته: “هن ڌوٿي، هن عطائي، هن درياءَ دل، راڳي شاعر، پنهنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين سان اسان جون جھوليون ڀريون آهن. جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاهيون آهن، هن جي اها ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنهنجون دليون کوليون ۽ ان ۾ صدا حيات آهي، پنهنجي ماروئن ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ قرباني ۽ ڪم جي صدا ٻڌون.” آخرڪار موتين جھڙي سنڌ جو عظيم شاعر31  جولاءِ 2003ع تي دل بيهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. ابراهيم منشي ڪير سڏائي. منشي جھڙا شاعر ڌرتيءَ تي صدين بعد پيدا ٿيندا آهن.

سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيئن انسان،

وڙهندي مڙس مهان، مِٽيءَ منجھه سمايا.

عزيزالله خاصخيلي/ ميرپورخاص

سنڌ جون نياڻيون هاڻ اغوا ٿيڻ لڳيون!

سنڌ ۾ بد امنيءَ جي انتها ٿي چڪي آهي، جتي عوام جون ننڍون ڦٽي ويون آهن پر پوءِ به پوليس کي خبر ناهي ته پوءِ آخر پوليس کي مقرر ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آهي، آخر سنڌ جي بجيٽ پوليس مٿان خرچ ڇو پئي ڪئي وڃي؟ جڏهن ته پوليس کي پنهنجي فرضن جي خبر به ڪو نه آهي. سنڌ ۾ چوڻي مشهور آهي ته نياڻي ستن قرآنن جي برابر هونديون آهن ۽ نياڻي کي جيڪڏهن خون بخشرائڻ لاءِ ڪنهن جي گھر موڪليو ويندو آهي ته متاثر ڌريون خون به معاف ڪري ڇڏينديون آهن ۽ اڄ وري انهيءَ سنڌ ۾ نياڻين کي ڀنگ جي لاءِ اغواءَ ڪيو پيو وڃي، جيڪا ڳالھه نه فقط حيران ڪندڙ آهي پر سنڌي ماڻهن جي منهن تي هڪ لڳل چماٽ جيان آهي، سنڌ ۾ اها به چوڻي مشهور آهي ته سنڌ اندر ان وقت تائين ڪا به واردات نه ٿيندي آهي جيسيتائين ان ۾ پوليس يا ڪو چڱو مڙس شامل نه هجي، سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ڏوهه  ۾ تَر جا چڱا مڙس ضرور شامل هوندا آهن، سنڌ ڌرتيءَ جنهن کي ولين، بزرگن ۽ درويشن جي سرزمين سڏيو ويندو آهي، ان ۾ اڄ جيڪي به نياڻين سان ٿي رهيو آهي ان تي سوچڻ جي سخت ضرورت آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سنڌ جون ٻھراڙيون بنيادي سھولتن کان محروم ڇو؟

استاد پنھنجا ٻار پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھائي ٿو، ڇا اھو استاد سرڪاري اسڪول ۾ ٻين جي ٻارن کي پڙھائيندو؟ ٻار قومن جو مستقبل ٿيندا آهن، اسان کي بھتر، معياري ۽ جديد تعليم ذريعي انهن جا ذھن تخليق ۽ جدت طرف موڙڻا پوندا، سنڌ جي تعليم کاتي کي ٻھراڙين ۾ موجود اسڪولن ۾ چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم قائم ڪرڻ گھرجي، ھاڻي ذڪر ڪريون ٿا ٻھراڙين ۾ موجود صحت جي سھولتن جو، جيڪڏهن مان ايئن لکان ته سنڌ ۾ صحت جو شعبو صرف شھري ماڻهن جو شعبو آهي، تڏهن به ڪجهه غلط نه ٿيندو، سنڌ جي اڪثر ٻھراڙين ۾ اڃا تائين سٺا صحت مرڪز به تعمير نه ٿي سگھيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪٿي بيسڪ ھيلٿ يونٽس آهن، ته اتي نه معياري دوائون آهن ۽ نه ئي وري سٺا ڊاڪٽر موجود آهن. ٻھراڙين جي صحت اڪثر عطائي ڊاڪٽرن جي حوالي ٿيل آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ سوين ھزارين ماڻھو سٺي علاج نه ٿيڻ ڪري بيوقتائتي موت جي صورت ۾ پنھنجون زندگيون وڃائي ويھن ٿا، ٻھراڙين ۾ ايمبولينس سروس جي عدم دستيابي جي ڪري ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪنهن مريض کي اسپتال پھچائڻ به وڏو مسئلو بڻيل آهي، ٻھراڙين ۾ ايمرجنسي لاءِ  اسپتالون نه ھجڻ جي ڪري پيٽ جي سور ۾ به ماڻھو مريو وڃن ٿا، ان کان سواءِ به ٻھراڙي جو ماڻھو ايڊمنسٽريشن نه ھجڻ جي ڪري ھر روز ڪيترين ئي ٻين مصيبتن کي منهن ڏئي ٿو، سنڌ جا حڪمران ٻھراڙين جو رخ صرف اليڪشن وقت ڪندا آهن، ووٽ وٺڻ کان پوءِ سنڌ جون ٻھراڙيون ڄڻ ته سنڌ جي حڪمرانن لاءِ نو گو ايرياز بڻجي وينديون آهن، اسان ٻھراڙين جا ماڻھو سنڌي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي، وزير اعليٰ سنڌ سائين مراد علي شاهه ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري صاحب کي اپيل ٿا ڪريون ته توهان کي اقتدارن جي اعليٰ ايوانن تائين پھچائيندڙ سنڌ جون ھي ٻھراڙيون آهن، انهن جي ترقي تي ڌيان ڏيو، سنڌ جي ٻھراڙين کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان توهان کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي سمورين ٻھراڙين ۾ يونين ڪائونسل سطح تي ايمبولينس سروس فراھم ڪري ترت اسپتالون ٺاھيون وڃن، جيڪي 24 ڪلاڪ سروس فراھم ڪن ۽ ٻھراڙين جي لاءِ ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪريو جيئن ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻهن جي ڏکيائين ۾ ڪجھه گھٽتائي اچي سگهي ۽ انسانن وارا بنيادي حق ملي سگھن.

مور چانڊيو/سيھڙ

لاڳيتا مينھن پوندڙ ۽ تماشائي بڻيل خيرپور ميونسپل انتظاميا!

چوماسي جي مينھن سموري سنڌ کي پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيو آهي، ھرطرف ٻوڏ کان قطع طور تي گھٽ نه پئي نظر آيو، خيرپور شھر ۾ به ضلعي انتظاميا ۽ ميونپسل جي آفسيرن جي ڪارڪردگي نظر نٿي اچي هر چوڪ، چوراھي، گھٽي، رستي سميت ھر ھنڌ ھر جڳهه پاڻي دٻن جي شڪل ۾ بيٺل عام جام نظر آيو، شھر جا مکيه روڊ جن ۾ مال روڊ، حسيني چوڪ، سول اسپتال، مل ڪالوني، ريلوي اسٽيشن واري روڊ سميت شھر جي مجموعي صورتحال ڪا مطمئن ڪندڙ نه رھي آهي. گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري گاڏي به ڪٿي ڪٿي نظر آئي، باقي شھرين پنهنجي مدد پاڻ پئي مينھن جو پاڻي ڪڍيو. آئون يقينن دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته ڪنھن به چونڊيل نمائندي کي موجود نه ڏٺو ويو. ميونسپل جنھن کي سالياني ايڏي وڏي بجيٽ ھجي جنھن جا کوڙ سارا ملازم سفيد پوش ھجن ۽ وري اڌ کان وڌ ويزا تي ھجن بچيل سچيل روزاني ڏھاڙي جي حساب سان ته يقينن شھر جي حالت ته رحم جوڳي ئي ھوندي. جديد دور جي پٽاندڙ ڪا به مشينري خيرپور ميونسپل انتظاميا وٽ موجود ناھي جيڪا مينھن جي پاڻيءَ کي ترت نيڪالي ڏئي سگهي. مينھن جي بدبودار پاڻيءَ مان گذرڻ سبب ڪافي ٻارن کي گيسٽرو، ڊائريا جھڙن بيمارين اچي وڪوڙيو آھي .ستل ميونسپل انتظاميا سجاڳ ٿي شھرين جا اھنج ۽ مصيبتون ڏور ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

عابد سومرو/خيرپور ميرس

سنڌ ۾ آگسٽ دوران امڪاني شديد بارشون حڪومت تياريون ڪري

جولاءِ دوران سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ مون سون جون برساتون معمول کان 40 سيڪڙو وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويون آھن ۽ آگسٽ دوران به سنڌ معمول کان ڪافي وڌيڪ برساتن جا امڪان آھن دنيا جي تمام موسمي ادارن مارچ کان ئي الرٽ مٿان الرٽ جاري ڪندا اچن پيا ته ھن سال مون سون جون برساتون معمول کان 100سيڪڙو وڌيڪ پوڻ جا امڪان آھن معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جو سب کان وڏو سبب Pacific Ocean ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ قدرتي عمل آھي جنھن کي لاننا چئبو آھي، لاننا ھڪ وڏن سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ قدرتي عمل آھي جنھن سبب Pacific  Ocean سمنڊ جو گرمي پڌ ٿڌو ٿيندو آھي، جڏھن ته Indian Ocean کي اوڀر طرف کان سمنڊ جو پاڻي گرم ٿي ويندو آھي جنھن سبب Trade winds ھوائون Pacific Ocean کان Indian Ocean طرف وڏي شدت سان اينديون آھن، جيڪي مون سون ھوائون ۽ برساتن کي تمام گھڻون طاقتور ڪري ڇڏينديون آھن ان کان سواءِ La Nina سبب Bay of Bengal جي سمنڊ جو گرمي پڌ به معمول کان وڌيڪ گرم ٿي ويندو آھي، انڊين سمنڊ جو گرمي پڌ معمول کان وڌي ويندو آھي جنھن سبب Bay of Bengal ۾ تمام گھڻا طاقتور ھوا جا گھٽ دٻاءُ ٺھندو آھن، جن جو رخ ھميشه کان ئي سنڌ گجرات طرف ھوندو آھي، جولاءِ 2022ع دوران 3 ھوا جا گھٽ دٻاءَ گجرات طرف آيا ۽ سنڌ اچڻ بجاءِ عربي سمنڊ طرف نڪري ويا، ھوا ان باوجود به ھنن برساتي سسٽمز سنڌ ۾ سخت برساتون ڏنيون ۽ سيلابي صورتحال جو سبب بڻيا، جولاءِ ۾ جيڪي سنڌ ۾ برساتون رڪارڊ ڪيو ويو آھن، سي مون سون جي پھرين مرحلي تحت شروعات آھن ۽ سال 2022ع جون اصل مون سون سون برساتون تي ھاڻ اگسٽ کان سيپٽمبر دوران اچڻ جا امڪان آھن، دنيا جي سڀني موسمي ادارن سان گڏوگڏ موسميات کاتي پاڪستان ۾ سال 2010ع ۽ 2011ع جھڙين برساتن جي اڳ ڪٿي ڪري چڪي آھي، سنڌ ۾ آگسٽ ۾ امڪاني سخت برساتون 6 آگسٽ کان شروع ٿيڻ واريون آھن، سنڌ حڪومت کي گذارش ٿي ڪجي ته پوري دنيا جي موسمي ادارن سان گڏوگڏ ملڪي موسمي ادارن جيڪي الرٽ جاري ڪيا ويا آھن انھن کي نظر ۾ رکندي سموري سنڌ جي درياهه جي کپن ته فوري طور تي بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، پوري سنڌ ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري برساتي نديون نالا صاف ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي مڙني ادارن کي ريڊ الرٽ ۾ رکيو وڃي.

شوڪت رند/نيو سعيدآباد، مٽياري

سنڌ جي مشھور درگاهه مخدوم سعيدي موساڻي!

راڌڻ لڳ 12 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مريضن جي روحاني علاج طور جڳ مشھور درگاهه مخدوم سعيدي موساڻي ۽ درگاهه سائين صدرالدين تي زائرين جون چوريون معمول بڻيل آهن، سي سي ٽي وي ڪيمرائون ناڪام پوليس ۽ اوقاف کاتي جا عملدارخاموش تماشائي بڻيل آهن، لکين رپين جي پيتين مان خيرات ملڻ باوجود ڪو سڌارو نه آھي جڳ مشھور درگاهه مخدوم سعيدي موساڻي ۽ درگاهه صدرالدين شاھ جي جامع مسجد  جون تقريبن 20 ڏينھن کان سي سي ٽي وي ڪئميرا بند پيل ڪيترن ئي زائرين جون موبائيل فونون بٽون روزي اندر نڪري وڃن ٿا ۽  سائين جي اڪثر مسافرخانن مان زائرين جا ٿيلھا جن ۾ ڪپڙا يان ٻيو سامان پڻ چور کنيون وڃن ٿا پر اوقاف کاتي جي مئنيجر اسلم شر  سي سي ٽي وي ڪيمرا ٺھرائڻ جو ڪير به نوٽس ڪونه ٿو وٺي، زائرين ڦرجڻ لڳا، اوقاف کاتي جا ملازم روز جي بنياد تي زائرين کي ڌاڳن ڦيڻن بھاني ڦرڻ لڳا آھن ۽ ڀوپن پڻ مقامي پوليس مدد سان درگاهه تي ديرا ڄمائي ورتا آھن ۽ جن ڪڍڻ بھاني پڻ تشدد ڪري ڪافي زائرين خاص طور تي عورتون ماري چڪا آھن پر پوليس ۽ انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آھي ۽ درگاهه تي رکيل خيرات جي نذراني جي پيتين تي اوقاف کاتي جا ملازم بيھاري زائرين کي پيتين ۾ پيسا وجھڻ کان روڪي انھن کان پاڻ پيسا وصول ڪري پنھنجي کيسن ۾ وجھڻ لڳا آھن جڏهن ته مئنيجر درگاهه تي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي ھڪ  اوقاف کاتي جو ملازم مينيجر جي سهائتا سان درگاهه کي سنڀالڻ لڳو آھي جيڪو درگاهه جي پڃري ۾ پيل نظرانو ۽ چادرون پڙ کڻي وڪڻي ٿو اوقاف کاتي جي طرفان روز درگاهه تي ھڪ لنگر جي ديڳ لاھڻ جو حڪم ٿيل آھي پر اھا ديڳ به ملازم لاھن ئي نه ٿا ۽ ان جا پيسا به پاڻ ھڙپ ڪري وڃن ٿا درگاهه تي زائرين لاءِ ٿڌي پاڻي جي ٽانڪين کان به زائرين محروم آھن، سرڪاري مسافر خانا، مينھن ۾ پڻ وھڻ لڳا آھن ۽ صفائي جو فقدان آھي ۽ بدبوءِ سبب درگاهه تي روحاني علاج لاءِ ايندڙ مريض پڻ بدبوءِ ۽ سھولتن جي کوٽ سبب صحتياب ٿيڻ بدران وڌيڪ موذي بيمارين جي ور چڙھڻ لڳا آھن ۽ زائرين ويھي رات گذارڻ تي مجبور آھن، نذراني جي پيتين مان لکين رپين جي آمدني ۽ سنڌ اوقاف کاتي طرفان ملندڙ بجيٽن باوجود ڪيتري وقت کان وٺي اوقاف کاتي طرفان ڪوبه ترقياتي ڪم ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۽ لکين رپيا ھڙپ ڪيا وڃن ٿا، جڏھن ته سي سي ٽي وي ڪئميرا نه ھلڻ سان ڪنھن وقت به ڪو وڏو حادثو ٿيو ته ان جو ذميوار ڪير آھي، جلد کان جلد سي سي ٽي وي ڪئميرا ٺھرائي وڃي ته جيئن عام زائرين مان بي چيني ۽ خوف ختم ٿئي، ترقياتي ڪم، صفائي ڪرائي وڃي ۽ اوقاف کاتي جي ملازمن ڀوپن ۽ پوليس جي ڦرلٽ کان زائرين کي بچايو وڃي.

عبدالستار ميراڻي/ جامع مسجد محلو، راڌڻ

اجتماعي ڏاڍائيءَ جي ور چڙھيل سنڌي ادبي سنگت!

سنڌي ادبي سنگت سنڌي اديبن جي هڪ اهم اثرائتي تنظيم آهي، جنهن نه رڳو سنڌي ٻوليءَ  جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو آهي پر ثقافت جي بچاءَ لاءِ عملي جدوجهد پڻ ڪئي آهي. ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جي لحاظ کان ڪابه تنظيم “سنڌي ادبي سنگت” سان برابري نٿي ڪري سگھي. ھزارين ميمبرن تي مشتمل اڄ جي سنڌي ادبي سنگت، احمد سولنگي ۽ پريل دايو وٽ يرغمال بڻيل آھي، جيڪي ناڪام تجربا ڪرڻ ۾ ھر وقت مصروف آھن. سنڌي ادبي سنگت ڪنهن دور ۾ سنڌ جي شعور جو مورچو هئي ۽ هر ان ڪاهه اڳيان اديب سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان شيهي جي ديوار بڻجي ويندا هئا، جيڪا ڪاهه سنڌ جي بنيادن، سنڌ جي سرحدن، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ خلاف ڪئي وئي، هر دور ۾ سنڌ جي اديبن پاڻ ملهايو ۽ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون ۽ انهن اديبن ۾ شعور سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين وسيلي آيو، جنهن ۾ سينئر اديب جونئير اديبن جي بغير لالچ ۽ لوڀ جي سکيا ڪندا هئا. سنڌ ۾ هن وقت صرف ادبي سنگت نه پر پورو ادب ئي تباهي جي ڪنڌي تي پهچي ويو آهي ۽ جڏهن ادب ۾ به چاپلوسي ۽ ڌڙابنديءَ جي صورت ۾ واهه واهه ڪئي وڃي ته پوءِ ان جا اثر يقينن ادارن تي به پون ٿا ۽ ان جو واضح مثال ادبي سنگت جي تباهي آهي، جتي پڻ ڌڙا بندي جي شڪل ۾ واهه واهه جي ڪار لڳي پئي آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪنهن وقت ۾ حڪمرانن جي لاءِ ڇرڪائيندڙ خواب هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون پڻ ايئن مانيٽر ٿينديون هيون، جيئن عام چونڊن جي مانيٽرنگ ٿئي ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ به ڪنهن اسيمبلي جي چونڊ کان گهٽ نه هوندي هئي. چونڊ شيڊول پڌرو ٿيندي ئي سرگرميون ايتريون ته وڌي وينديون هيون جو وستي وستي واهڻ واهڻ اديب گهمندي نظر ايندا هئا ۽ پنهنجي پينلن يا پنهنجي اميدوارن جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ان حوالي سان به ڏکيون هونديون هيون جو ڪنهن شعور کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ ۽ پنهنجو حمايتي بڻائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو ڇو ته اديبن جي حمايت حاصل ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. مون کي افسوس سان گڏوگڏ حيرت تڏهن ٿي جڏهن جرگا ڪلچر جي سخت مخالفت ڪندڙ انهن مبينا باشعور اديب، دانشور ۽ شاعر خود ان ڪلچر جو حصو بڻجي ويا ۽ سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪيت سمجهي اهڙو ته عمل دهرايو اٿن جو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ ڪارنهن جي ٽڪي جي مثال آهي.

ڪاشف نوراني/ نوابشاهه