ممبئي (شوبز نيوز) رنبير ڪپور ۽ شرڌا ڪپور جي فلم جي سيٽ تي باهه لڳي وئي. واقعو ممبئي ۾ انڌيري ويسٽ جي چترڪوٽ اسٽوڊيو ۾ لنڪ روڊ جي ويجهو پيش آيو جتي فلم جي هڪ گاني جي شوٽنگ لاءِ سيٽ ٺاهيو ويو هو. رپورٽن مطابق، سيٽ تي ڪا به شوٽنگ نه ٿي رهي هئي ۽ رنبير ۽ شرڌا پاران ايندڙ هفتي سيٽ تي شوٽنگ شروع ڪرڻ جو امڪان هو. ڪنهن جي به زخمي ٿيڻ جا ڪي اطلاع سامهون نه آيا آهن. اطلاعن موجب باهه 1000 اسڪوائر فوٽ جي علائقي ۾ لڳي هئي. فائر برگيڊ جون 10 گاڏيون ۽ ٻه واٽر ٽينڪ واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ باهه تي ضابطو آڻي ورتو.