لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي حقن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سيمينار، اڳواڻن طرفان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ عورتن جي مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ وڪيلن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي گڏجي ادا ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان “لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي حقن جي صوتحال جو جائزو” جي حوالي سان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي ناليواري اديب ۽ دانشور استاد خالد چانڊيو چيو ته گذريل سال اپريل مهيني ۾ سکر هاءِ ڪورٽ جرڳن تي پابندي لڳائي ڇڏي پر ان جي باوجود هيل تائين سکر سرڪٽ هائوس ۾ 47 جرڳا ٿي چڪا آهن، عورت وڪيلن نادره سيلرو ۽ عاليه رضوي چيو ته عدالتن ۾ حراسمينٽ جو شڪار عورتون ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اچن ٿيون پر انهن جا وارث سندن مالي ۽ اخلاقي مدد نه پيا ڪن ويتر انهن مٿان دٻاءُ وجهن ٿا جنهن جي ڪري اهي عورتون ڪيس نه ٿيون وڙهن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ درخواستون داخل ڪن ٿيون جن کي معاشرو به سپورٽ نه ٿو ڪري، اسان سڀني جو فرض آهي ته اهڙن متاثر عورتن جي مالي ۽ اخلاقي سپورٽ ڪيون جيئن انهن جا ڪيس هلائي کين انصاف ۽ تحفظ ڏياري سگهون، عورتن جي حقن بابت شهرن مان نڪري ٻهراڙين وارن علائقن ۾ جاڳرتا پروگرام ڪري عورتن جي ڪائونسلنگ ڪرڻ گهرجي جنهن سان ڪافي مسئلا حل ٿيندا. سيمينار ۾ عورتن جي حقن مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته سول سوسائٽي، ميڊيا، وڪيلن سميت مختلف ادارن کي گڏجي عورتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيئن عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جو خاتمو ٿي سگهي. سيمينار ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي افشان، عورت ڪانسٽيبل عائشه، سماجي اڳواڻ مراد پنڌراڻي، غفار پندراڻي، دارلامان جي ماسترياڻي ريحانه عباسي سميت مختلف تنطيمن جي اڳواڻن، صحافين ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.