شھدادڪوٽ (رپورٽر)شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ فيض محمد بروھي  جي رھواسي عورتن ۽ مردن علي مراد مگسي، مسمات زرينا مگسي، مسمات نور خاتون مگسي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته 15 ڏينهن اڳ ايس ايچ او اي سيڪشن طفيل احمداڻي ۽ پوليس اھلڪار حسن مگسي اسان جي پٽ جيڪو مئٽرڪ جو شاگرد آهي ثاقب مگسي کي شھدادڪوٽ جي عدالت مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي 15 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ثاقب مگسي جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي . ايس ايچ او اي سيڪشن طفيل احمداڻي ثاقب مگسي جي آزادي لاءِ 2 لک رپيا رشوت طلب ڪري رھيو آهي 2 لک رپيا رشوت نه ڏيڻ تي ايس ايچ او طفيل احمداڻي مئٽرڪ جي شاگرد ثاقب مگسي کي فل فراءِ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي رھيو آهي . ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو سميت ٻين اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او اي سيڪشن طفيل احمداڻي جي ظلمن جو نوٽيس وٺي مئٽرڪ جي شاگرد ثاقب مگسي کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي .