جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد شهر ۾ منشيات چرس، آئيس جي آزار ۽ بدامني خلاف آل پارٽيز ڪاميٽي پاران شاهد حسين جوادي، شعبان ابڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس شهيد الهه بخش سومرو پارڪ کان ڪڍيو ويو، مظاهرين پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته چرس، شراب ۽ آئيس جو نشو واپرائڻ سبب نوجوان نسل تباهي طرف وڃي رهيو آهي منشيات جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن پوليس ڪاروائي لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته شهر ۾ بدامني جو راڪاس متل آهي موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهي پر پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ سرعام هلندڙ منشيات جا اڏا بند ڪرائي نوجوانن جو مستقبل بچايو وڃي ۽ امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.