ھنڱورجا( ن پ ا ) ھنڱورجا يوٿ فورم ۽ ھنڱورجا اسپورٽس سوسائٽي پاران ڪرايل استاد جعفر علي آرائين انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل حماد پبلڪ اسڪول کٽي ورتو. فائينل ۾ المزمل ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ صرف 48 رنسون ٺاهي سگهي، حماد پبلڪ اسڪول جي ٽيم صرف ٽن اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي هدف حاصل ڪري ورتو. حماد پبلڪ اسڪول جي ڪپتان ايمان علي سھتو کي ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنو ويو. سائر علي ڏاھري مين آف دي ميچ ۽ فيروز بروھي کي مين آف دي سيريز جا انعام ڏنا ويا.