سکر(بيورو رپورٽ) ڪاليجز ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو، ڊائريڪٽر ڪاليجز سنڌ ڊاڪٽر محمد علي مانجي جي هدايتن تي سکر ريجن ۾ به پنجون سنڌ گيمز مقابلو جاري آهي، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سکر جي ميزباني هيٺ انٽر ريجن گرلز ڪاليجز وچ ۾ ايٿليٽس ۾ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي جي 12 ڪاليجن جي شاگردياڻين حصو ورتو، نتيجن موجب 110 پوائنٽ کڻي ميزبان گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سکر پهرين پوزيشن، 85 پوائنٽ سان وومين ڪاليج خيرپور ٻئي پوزيشن، جڏهن ته پيرجوڳوٺ گرلز ڊگري ڪاليج  55 پوائنٽ سان  ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.