پکو(ن پا ) پکو ۾ قومي ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي جي مان ۾ نوجوانن پاران چانهه پارٽي پروگرام رکيو ويو، ان حوالي سان نوجوان مجاھد علي ۽ مير اختر بلوچ جي رھائشگاھ تي قومي ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي جي مان ۾ چانهه پارٽي جو پروگرام رکيو ويو جنھن ۾ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي چيو ته سنڌي محنتي آھن جيڪي محنت ڪن ته دنيا ۾ نالو روشن ڪري سگھن ٿا مان به غريب گھر جو آھيان پر محنت ڪئي ته قومي ٽيم ۾ شامل آھيان. آخر ۾ قومي ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي کي ثقافتي سنڌي ٽوپي پھرائي وئي.