هر جائز رشتي ۾ مردن جو احترام ڪريان ٿي:رابي پيرزادا

0
186

لاهور(شوبز نيوز) شوبز کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪندڙ اداڪارا رابي پيرزادا چيو آهي ته هر جائز رشتي ۾ مردن جو احترام ڪريان ٿي. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان هڪ پيغام جاري ڪندي رابي پيرزادا چيو ته نورمقدم جو ڪيس سامهون اچڻ بعد مردن خلاف هر طرف طوفان مچي ويو آهي. هن چيو ته عورتن ان ڪيس بعد وڌيڪ آزادي ڏيڻ لاءِ لفاظي شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪجهه مردن جي وحشي پڻي سان سمورا مرد ڏوهاري نٿا بڻجي سگهن.