اسلام آباد: ايف آءِ اي ترجمان لاهور پاران شهباز شريف جي الزامن کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته شهباز شريف کي هراسان نه ڪيو ويو هو، هن سان بدتميزي ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿوٿئي، ان کي وڏي عزت سان گهرايو ويو هو، جاچ دوران ان کي چانهن ۽ ڪافي به پيش ڪئي، پر شهباز شريف ڪنهن به سوال جو سنجيده جواب نه ڏنو، جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شهبازشريف کان سوال اڪائونٽن ۾ اربين رپين جي رقم جمع ٿيڻ جو ڪيو وڃي ته جواب ۾ هو ميٽرو بس ۽ اورينج لائين ٽرين هلائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ان کان پڇيو وڃي ته ملازمن اربين رپيا اوهان جي فيملي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ته هو جواب ۾ چوي ٿو ته پنجاب جي هن وڏي خدمت ڪئي، ان کان جڏهن پڇيو وڃي ته گاڏيون ۽ پراپرٽي ڪيئن ٺاهي ته ان سوال جي جواب ۾ هو چوي ٿو ان جو جواب ٻارن کان پڇيو وڃي. پرڏيهه اماڻيل رقم بابت پڇيو وڃي ٿو ته چوي ٿو ته ان جو جواب وڪيل ڏيندو اهڙي قسم جا هو سوالن جا جواب ڏيندو آهي ۽ چوي ٿو ته سوال ۽ جواب ظاهر نه ڪيا وڃن.