ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالهي) سنڌ جي زمينن تي بحريه ٽائون پاران والار ڪرڻ ۽ گرفتار قومپرست اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي عوامي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ ميرپورخاص جي بلديه مارڪيٽ چوڪ تي وڏو جلسو ٿي گذريو، جلسي ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو، جلسي ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو، نواز خان زنئور، اسلم خيرپوري، سيد مسرور شاهه، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر آدم ٻٽ، حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ڊويزن جي قومپرست اڳواڻن سميت عورت مرد ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته حڪمران سنڌ کي سياسي تجربيگاهه نه بڻائين، هن چيو ته سنڌ تي آخري وار ٿئي پيو، اھو سنڌ کان سنڌين کي کسڻ آھي، جنهن لاءِ زرداري اڳڀرو آھي، ھاڻي زرداري ۽ سندس ٽولو سنڌ صوبوکپائڻ چاھين ٿا جيڪي بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد سميت ٻيون رٿائون جوڙائي سنڌ کي اقليت ۾تبديل ڪرڻ چاھين ٿا، مشرف دور کان وٺي آصف زرداري، نواز دور سميت هن وقت تائين 50 لک پرڏيھين کي سڃاڻپ ٺاھي ڏنا ويا، جيڪو اڃا تائين سلسلو جاري آهي، اھو ئي سبب آهي جو سندن حڪومتي دور ۾ ترقي نه پر تباھي ٿي آهي، هن خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اردو سميت سمورن ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، خالد مقبول صديقي سنڌ ورھائڻ ۽ سنڌ واسين کي تقسيم ڪرڻ جون سازشون ڪري ٿو، هن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته جيڪو وطن جو دشمن آھي ان کي سنڌ جي مٽي به نصيب نه ٿيندي، هن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته توھان جو ووٽ زرداري جي طاقت آھي، توھان ووٽ نه ڏيندا ته ان جي طاقت ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اسان جو مقصد سنڌ جو مقدر تبديل ڪرڻو آهي سنڌ واڳن جي وات ۾ آھي، نوڪري لاءِ رشوت ڏيڻ بدران ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن، اسان اھڙي نئين سنڌ چاھيون ٿا، جاگيردار غريب جو گرهه کسي عياشي ڪرڻ چاھين ٿا، جلسي کي جيئي سنڌ محاذ سربراهه رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير ۽ اسڪردو ۾ سنڌ جا وسيلا کپائي رھيا آھن، جن کي سنڌ جي عوام جو خيال ناهي، سنڌو جو پاڻي چورائي ميرپورخاص سميت سنڌ کي سڪايو پيو وڃي، پ پ سنڌ کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، 50 لک ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ پيا ڏنا وڃن، ته اتي سنڌ جو وزيراعلي سنڌ ڇا پيو ڪري، سنڌ اسيمبلي پرڏيھن کي سنڌ مان بيدخل ڪرڻ تي خاموش ڇو آھي؟ ھنن کي اجلاس گھرائي پرڏيھن خلاف ٺھراءُ پاس ڪرڻ گھرجي هن وڌيڪ چيو ته ڇا جڏھن ابوظھبي ۽ دبئي جھڙا شھر ٺھيا پئي ته ڇا اتي جي ماڻھن کي دربدر ڪيو ويو ھو، ھتي اھا ترقي ٿئي پئي لکين ڌرتي ڌڻين جي گھرن کي نيڪالي ڏئي جديد ڪالونيون ٺاھڻ ڪٿان جو انصاف آهي، لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي سنڌ جو اصل دشمن زرداري ۽ پيپلز پارٽي آھي، اسان جي توانائي جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آھي، پ پ جا اسيمبلي ميمبر سنڌ واسين کي تحفظ ڏيڻ بدران انھن جي حقن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جيڪا سنڌ جي وسيلن جي ڳالهه نٿا ڪن اسان سمجهون ٿا ته اھي غدار آھن، ٿر ۾ ترقي جي نالي تي دودي ڀيل جهڙن جا قتل ٿين ٿا، ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته بحريا ۾ پرتشدد ڪارروائين پويان سنڌ حڪومت جي ھڪ ماسٽر مائينڊ وزير جو ھٿ ھو، حڪمرانن جي ترجيحات ۾ سنڌ جي ترقي صرف اقتدار آھي، ته جيئن اھي ڦرلٽ ڪري ملڪيتون ٺاھين، اسان جي محبت جو مرڪز سنڌ آھي بحريا ٽائون احتجاج دوران سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي، سنڌ جي قومپرست اڳواڻن مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا اسان جھڪڻ ۽ ڊڄڻ وارا نه آھيون. پنھنجا حق گھرڻ تي اسان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو وڃي ٿو، سنڌ جي خوشحالي لاءِ سنڌ جي شعور کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جون عدالتون سنڌ لاءِ جدوجھد ڪندڙن سان انصاف ڪن ۽ اسان کي انھن مان ئي اميد آهي، جلسي ۾ عوامي ميڙ خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي صحافين بحريه ٽائون معاملي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري عوام جي ترجماني ڪئي آهي، جڏهن ته قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد سنڌ جي وڪيلن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ، ايڪشن ڪاميٽي ڪراچي ۾سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل غدارن جو گھيراءُ ڪيو ويندو. نواز خان زنئور چيو ته بحريا ٽائون جي نالي تي ڦورو ٽولي جي سربراهه ملڪ رياض پاران قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪري قبضا ڪيا پيا وڃن، اچو ته گڏ ٿيون ڇو ته اسان جو وجود خطري ۾ آهي، اسان کي چيو وڃي ٿو ته بحريه ٽائون سميت ٻيون ترقي جون رٿائون آهن اسان سمجهون ٿا اھي اسان جي تباهي جون رٿائون آهن جنھن کي ڪنهن به غيرتمند سنڌي پاران ھرگز قبول نه ڪيو ويندو، ڌرتي ڌڻين کي گھرن مان ۽ ڳوٺن مان بي دخل ڪرڻ ترقي نه آهي اسان کي جدوجھد ڪري مالڪي ڪرڻي پوندي، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ نور نبي راهوجو خطاب ڪندي چيو ته پر امن احتجاج تي سنڌ دشمن پاران دھشتگردي جي سازش ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر دلدار لغاري، سيد مسرور شاهه، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر آدم ٻٽ حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.