هالي ووڊ ۾ ڪم جي آڇ ٿي هئي پر مون رد ڪري ڇڏي:شلپا

0
208
مڙس راج ڪندرا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٺي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس هالي ووڊ ۾ ڪم جي آڇ ٿي هئي پر مون رد ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا شلپا شيٺي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي هالي ووڊ جي هڪ وڏي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي. هن چيو ته ممبئي ڇڏي لاس اينجلس وڃي نه پئي سگهيس انڪري انڪار ڪيو. هن چيو ته ان پراجيڪٽ ۾ ڪم کان انڪارڪرڻ سبب منهنجوپٽ ويبان به مون تي سخت ناراض ٿيو هو. هن چيو ته آئون پنهنجي زندگي ۾ فوري طور ان تبديلي لاءِ تيار نه هيس انڪري راضي نه ٿيس. هن چيو ته مون کي ان تي ڪوبه پڇتاءُ نه آهي.